منهنجي مڙس بلال کي ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو آهي: حريم شاهه

ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي مڙس بلال شاهه کي اغوا ڪيو ويو آهي.
حريم شاهه پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته مڙس بلال شاهه گذريل هفتي لنڊن ۾ مون سان گڏ هو، هو ڪراچي پهتو ته کيس سادن ڪپڙن ۾ ماڻهو کڻي ويا.
هن چيو مون کي ناهي خبر ته مڙس بلال شاهه جي اغوا ۾ ڪير ملوث آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي درخواست آهي ته منهنجي مڙس کي آزاد ڪرايو وڃي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي مڙس جو ڪنهن قسم جي سياست سان ڪو واسطو ناهي، مڙس جي آزادي لاءِ عدالت به وئي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.