ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسي ايشن پاران بجلي ۽ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ سميت وڌندڙ مهانگائي ۽ ميرپورخاص بار جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي سزا خلاف سٽي ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورخاص بار جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي6 ، 6 سال جي قيد۽ 15،15 لک هزار رپيا ڏنڊ جي سزا۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف ملڪ ۾ بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ غير قانوني واڌ ۽ وڪيلن کي عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، اهڙي اعلان کانپوءِ ڪراچي بار پاران سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي جزوي هڙتال ڪئي وئي.