سهراب ڳوٺ ۾ 10 غيرقانوني افغان شهري گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سهراب ڳوٺ پوليس افغانستان مان غير قانوني طور پاڪستان داخل ٿيندڙ 10 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ پوليس انڊس پلازه وٽ ڪارروائي ڪندي 10 غير قانوني افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.  ايس پي سهراب ڳوٺ چوڌري سهيل فيض جو چوڻ آهي ته افغاني پوليس کي  ڏسي اهي ڀڄڻ لڳا، پوليس حڪمت عملي ذريعي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. چوڌري سهيل فيض چيو ته جوابدار جاچ دوران پنهنجي رهائش بابت جواب نه ڏئي سگهيا، گرفتار جوابدارن جو چوڻ آهي ته هو صرف افغانستان مان آيا آهن.  ايس پي وڌيڪ چيو ته انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار پاڪستان ۾ غير قانوني طور داخل ٿيا هئا، جوابدارن کي فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.