مانجهند(رپورٽ: بابو يوسف عمراڻي) سن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي سينٽر ڪميٽي جو اهم اجلاس مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو جگديش آھوجا، امير آزاد پنهور،منير حيدر شاه، رسول بخش ٿيٻو سميت ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه چيو ته ايس يو پي جو هي اجلاس ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان بدانتظامي مالياتي بحران امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪري ٿو بجلي ڀاڻ جي اگهن ۽ مهانگائي تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويوعام واهپي جي شين تيل جي اگهن ۾ اضافي سبب ڪروڙين ماڻھو 2 ويلا ماني لاءِ پريشان آھن سنڌ جي بحالي مهانگائي، ڀاڻ ۽ عام واهپي جي شين ۽ تيل قيمتن ۾ اضافي،ڪرپشن ۽ احتساب کان پوءِ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ٻن مهينن ۾ ڀرپور عوامي رابطا مهم جو اعلان ڪيون ٿا مختلف ضلعن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون مهانگائي ۾ اليڪشن دوران عوام سول نافرماني ڪري سگهي ٿو زين شاهه وڌيڪ چيو ته اڳئين سال سنڌ ۾ آيل ٻوڏ ۾َلکين گهر متاثر ٿيا پر پ پ حڪومت دنيا جي ملڪن ۽ ادارن طرفان اربين روپيا مختلف خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي پ پ جي وزيرن مشيرن ڪامورن سان ملي رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آھي ترقياتي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي بي ايماني ڪئي وئي هن چيوته پ پ حڪومت اختيارن تان هٿ کڻي قومي معدنيات جو سودو ڪندي270 ڪلوميٽر سمنڊ وڪڻي ڪارونجهر جبل نيلام ڪيو آھي ڪراچي ڄامشورو ٺٽو ٿر سميت مختلف هنڌن جون زمينون وڪڻي ڇڏيون اٿس جنهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي جيئن ڪراچي جي مختيارڪارن کي پڪڙيو ويو آھي ائين ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن جي مختيارڪارن کي به جانچ جي دائري ۾ آندو وڃي اسٽيبلشمينٽ ماضي جيان غلط طريقي سان اليڪشن ۾ اسان کي هارائي من پسندن کي آندو ته ملڪ جو وڏو نقصان ٿيندو