ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي بجلي بلن، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي توڙي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ روز بروز واڌ خلاف 02 سيپٽمبر تي رٿيل هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ تي عوام خاص طور تي واپاري تنظيمن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اڄ سموري قوم ظلم خلاف ڄمي بيٺي آهي، حڪمران ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل عوام جو موڊ ڏسي وٺي، پُرامن احتجاج ۽ ڪامياب هڙتال کي مان ڏيندي بجلي بلن ۾ موجود ڳرا ٽيڪس ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو واپس نه ورتو ويو ته پوءِ مڇريل عوام حڪمرانن جي محلات جو رُخ ڪندي دير ڪونه ڪندو. هن هڪ بيان ۾ پُرزور مطالبو ڪندي چيو ته اسٽيبلشمنٽ، سرڪاري آفيسرن ۽ واپڊا ملازمن جي مُفت بجلي بند ڪري ظلم ۽ ناانصافي جي شڪار توڙي مهانگائي جي ماريل عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن تي ٻيهر غور ڪري قابل عمل، آئي ايم ايف جي غلاماڻين پاليسين کي عوامي فلاح ۽ قومي مفاد مطابق بڻايو وڃي، آءِ ايم ايف جي غلام ڪرپٽ قيادت کان نجات ۽ سادگي توڙي ڪفايت شعاري وارين پاليسين ذريعي ملڪ کي موجوده بحرانن مان ٻاهر ڪڍي ترقي جي دڳ تي گامزن ڪري سگهجي ٿو.