بجلي بلن عوام کي بغاوت تي مجبور ڪري ڇڏيو: سينيٽر مشتاق

پشاور(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته آءِ پي پيز پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو آهن ۽ انهن جي ڪري  پاڪستان ۾ بجلي ڪڏهن به سستي نٿي ٿي سگهي،پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا وڃن،مهانگي بجلي خلاف مظاهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ 11 قسم جا ٽيڪس آهن جيڪي دهشتگردي، ڀتا خوري، بدمعاشي ٽيڪس، معاشي قتل ۽ غريبن جي کيسي تي ڦرلٽ آهن، بلن ۾ واڌ عوام کي سول نافرماني، بغاوت تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،  هن چيو ته حڪومت ايران مان سستي بجلي ۽ گيس نه ٿي وٺي پر آءِ پي پيز کي هر سال هزارين بلين رپيا ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته آءِ پي پيز جا ڪارخانا مافيا جا ڪارخانا آهن، پي ڊي ايم، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن انهن کي تحفظ ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.