ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ سان فائدو ٿيندو ، يونيورسٽين ۾ مهم

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) :  عمران خان  جي دور کان وٺي پي ڊي ايم جي حڪومت تائين پاڪستان جي معيشت خراب ٿيڻ ۽ آءِ ايم ايف جي قرض عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو تازو مثال سيپٽمبر جو مهينو عوام لاءِ ستمگر  ثابت ٿيو آهي. جنهن جو تازو پيٽرول 305 رپيا ليٽر ۽ بجلي  جي واڌو بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ، ايتري قدر ته واپارين جو ملڪ گير  احتجاج به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي  اسٽاڪ ايڪسچينج پڻ ڪريش ٿي رهي آهي ان سڄي صورتحال ۾ سياسي پارٽين جي عوام جي مسئلن کان ڪن لاٽار ۽ مصلحت تحت هڪ پاسي ٿيڻ به وڏو الميو آهي،موجوده حالتن ۾ محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻ پاڪستان جي بگڙجندڙ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻيو رستو ڳوليندي اسٽيشلمينٽ  فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان هاڻي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿئي جنهن بعد نئين حڪمت عملي اها آهي ته تازو ئي اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه مرحوم حميد گل جي پٽ عبدالله حميد گل کي اها ذميواري سونپي وئي  آهي ته هو پاڪستان جي  سمورين يونيورسٽين جو دورو ڪري شاگردن کي پنهنجي نيٽ ورڪ ذريعي  اهو ٻڌائي ته پاڪستان ڏيوالو ٿيندو ته ان ۾ پاڪستان جا ڪيترائي فائدا ٿيندا ۽ پاڪستان جي ڏيوالو ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي حڪمت عملي تحت نئين رخ ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو جنهن سبب  پاڪستان کي ترقي جون نيون راهون ملنديون ۽ پاڪستان مستقبل ۾ ايران سميت عرب ملڪن  مان فائدو وٺي هڪ نئين سفر ۾ ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو ۽ اهيو پڻ چيو پيو وڃي ته  نئين حڪمت عملي تحت پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ فوج کي  10 سالن جو اقتداري مدو  ملندو ته  پاڪستان ترقي ڏانهن قدم رکي سگهي ٿو ۽ ايران پاران سستي بجلي، گيس ۽ تيل واري آڇ مان پاڪستان ڀرپور فائدو وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.