نوابشاهه(رپورٽ:فياض چنڊ ڪليري) وفاقي جاچ ادارن پاران نوابشاهه ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ مختلف کاتن جي ڪامورن، چونڊيل نمائندن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي لِسٽون تيار ٿي ويون، اعتبار جوڳن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي گذريل 15 سالن دوران سنڌ سميت ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ اربين، کربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ ڪردارن جي زوال جو وقت شروع ٿي ويو، جاچ ادارن پاران ضلعي شهيد بينظير آباد جي قائد عوام يونيورسٽي، پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي ۾ ترقياتي ڪمن، نوڪريون ڏيڻ ۽ مختلف مدن ۾ ٿيندڙ مبينه اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ذميوارن جون لِسٽون تيار ٿي ويون آهن انهي کانسواءِ صحت کاتي ۾ شامل ادارا جن ۾ پيپلزميڊيڪل اسپتال نوابشاهه، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، هاءِ ويز جي صوبائي ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسن، ميونسپل ڪارپوريشن نوابشاهه، سب رجسٽرار آفيس نوابشاهه، روينيو کاتو، خوراڪ کاتو پڻ جاچ ادارن جي ريڊار تي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ ادارا چونڊيل نمائندن ۽ انهن جي سهولتڪارن پاران ضلعي ۾ سرڪاري توڙي خانگي ڪروڙين اربين روپين جي زمينن تي قبضن گذريل پيل برساتن دوران برسات متاثرن لاءِ آيل اربين روپين جي سامان ۾ ٿيل ڪرپشن بابت پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي.