سانا طرفان قومي شاعر ماما جمن دربدر کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان سنڌ جي قومي شاعر جمن دربدر جي سگهڙ پُٽ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو طرفان اعلانيل لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سان گڏ ٽي لک رپين جو چيڪ پِڻ ڏنو.

شڪاگو ۾ ٿيل سالياني ڪنوينشن ۾ قومي شاعر جمن دربدر لاءِ ان ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو ھو.

ان حوالي سان سانا جي صدر مقبول ھاليپوٽو چيو ته جمن دربدر جي شاعري سنڌي ماڻھن کي سندن سياسي ۽ قومي حقن جي جدوجھد ۾ حوصلو، اميد ۽ ھمٿ ڏئي ٿو سندس شاعري ڌرتي جي سوڀ، ساڀيان ۽ جوھر جي امين آھي.

هن چيو ته جمن دربدر کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ درحقيقت اسان سڀني لاءِ فخر جهڙي ڳالھه آھي.  “ماما جمن دربدر جھڙا ماڻھو پاڻ پڌارڻ باوجود پنھجي ڪردار ۽ شاعراڻي فڪر جي ڪري اڄ به نه رڳو جيئرا آهن پر اسان جا سونھان به آھن.

ياد رهي ته سنڌي ٻولي، ادب، تحقيق، سماجي خدمتن جي مڃتا لاء سانا طرفان اھي ايوارڊ ڏھاڪن کان ڏيڻ جي شروع ڪيل روايت جاري رھندي اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.