نور بخاري چاهي ٿي ته ماهرا خان شوبز ڇڏي خدا سان رجوع ڪري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي ماضي جي مشهور اداڪارا نور بخاري اداڪارا ماهرا خان کي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ الله سان رجوع ڪرڻ جو مشهور ڏئي ڇڏيو.

تازو ئي هڪ پوڊ ڪاشٽ دوران اداڪارا ماهران خان انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ گذريل 6 ورهين کان سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ ان لاءِ هوءَ دوائون به استعمال ڪندي آهي.

ماهرا خان جو اهو وڊيو ڪلپ مختلف سوشل ميڊيا پيجز تي وائرل ٿيو ته ان جي ڪمينٽس ۾ تبصرو ڪندي نور بخاري اداڪارا کي مشورو ڏيندي لکيو ته پنهنجي رب الله ڏي موٽ اچ، جڏهن اوهان ان قسم جي احساسن کي محسوس ڪندئو ته ان جو مطلب آهي ته اوهان جي روح کي الله تعاليٰ سان سلهاڙجڻ جي ضرورت آهي.

اهو ئي وقت آهي ان جو سڏ ٻڌڻ جو ۽ پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ جو الله اوهان جي تڪليف گھٽائي. سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان نور بخاري جي ان ڪمينٽ تي مليل جليل ردعمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڪجهه واهپيدار نور جي مشوري کي پسند ڪري رهيا آهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته نور پاران ڊپريشن جي بيماري کي معمولي بيماري سمجهڻ غلط آهي، اهو مرض باقاعدا علاج گھرندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.