ٿلها ماڻهو هن بيماري کان خبردار رهن !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪنهن بيماري جو شڪار هوندا آهن ۽ ڊاڪٽر ان جي سڃاڻپ ناهن ڪري سگهندا.

بعد ۾ اها بيماري سندن لاءِ ناسور بڻجي ويندي آهي ۽ ڳڻتي جوڳي حد تائين ويندي آهي.

اهڙو ئي واقعو هڪ 36 ورهين آمريڪي عورت سان پيش آيو جڏهن هو ٿلهي ٿيڻ لڳي هئي.

هن ڊاڪٽرن کان دوائون ورتيون، چيڪ اپ به ڪرايا پر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو چوڻ هو ته اهو سڀ ڪجهه رڳو ٿولهه جي ڪري آهي.

نوجوان ناري ٿريسا جڏهن هڪ اسٽور تي وئي ته کيس اڻڄاڻ دڪاندار چيو کيس رڳو ٿولهه جي بيماري ناهي پر لپوڊيما (lipoedema) مرض آهي، اهو ٻڌي ناري جي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها اچي ويا ۽ هو ڊوڙي وڃي ڊاڪٽرن تائين پهتي پر ڊاڪٽرن وري به سندس ڳالهه نه مڃي.

پوءِ هن آن لائن ريسرچ ڪري پنهنجي بيماري جي پاڙ تائين پهتي ۽ هاڻي هوءَ تصويرن شيئر ڪري ٻين کي آگاهي ڏئي ٿي ته جيئن ماڻهن کي هن بيماري جي حوالي سان خبرداري هجي.

ٻئي پاسي سندس طبيعت بهتر آهي ۽ هن جو علاج پڻ هلندڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.