”هڪ همراهه پنهنجي مرضيءَ سان پارليامينٽ ڇڏي ويو، اِها سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي هئي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ايف بي آر جو پرڏيهه مان حاصل ڪيل رڪارڊ عدالت ۾ قابل قبول ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهجي.

سُپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميم خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪالهه اسان نيب ترميمي قانون ۾ هڪ ٻي شيءِ نوٽ ڪئي، گڏيل قانوني سهڪار تحت حاصل ڪيل ثبوت جي حيثيت ختم ڪئي وئي آهي، هاڻي نيب کي پاڻ اتي سروس حاصل ڪرڻي پوندي جيڪا مهانگي پوندي، اوهان گذريل ڏينهن چيو هوته گڏيل قانوني سهڪار کانسواءِ به پرڏيهه مان ملڪيتن جي رپورٽ آئي آهي، قانون ۾ ته ان ذريعي حاصل ثبوت قابل قبول ئي نه آهن.

نيب پراسيڪيوٽر طرفان نيب ترميمن کانپوءِ ريفرنسز واپس ٿيڻ بابت رپورٽ سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب ايڊيٽڊ رپورٽ جمع ڪرائي آهي؟  جنهن تي نيب پراسيڪيورٽي جواب ڏنو ته نيب رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ايف بي آر جا پرڏيهه مان حاصل ڪيل رڪارڊ عدالت ۾ قابل قبول ثبوت طور پيش نٿا ڪري سگهجن ٿا، ڇا مُلڪي آئين ۾ شڪايت ڪندڙن جا حق لکيل آهن؟ .

وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته آئين ۾ رڳو جوابدار جي حقن ۽ فيئر ٽرائل بابت لکيل آهي، مُلڪي آئين ۾ شڪايت ڪندڙن جي حقن جو ذڪر ناهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايف بي آر کي ملندڙ معلومات ثبوت طور استعمال نٿي ٿي سگهي، جوابدار وٽان هٿ آيل مواد به نيب کي ئي ثابت ڪرڻو هوندو آهي، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته عدالتون ثبوت کي قانوني طور تي ڏسي فيصلو ڪنديون آهن پوءِ ڀلي کڻي پنهنجي مُلڪ جون ئي ڇو نه هجن، سوئس عدالتن آصف زرداري خلاف پنهنجي مُلڪ جا ثبوت تسليم نه ڪيا هئا.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته نيب قناون جو ڪاروباري شخصيتن خلاف علط استعمال ڪيو ويو، مون وٽ اهڙن ڪاروباري شخصيتن جا نالا به موجود آهن جن کي نقصان پهچايو ويو، ائين نه ٿيڻ گهرجي، ڪنهن اڪائونٽنٽ کي ويهاري ڏهه رُپين جي غلطي ڪڍي وڃي، قانون پٽاندڙ ڪاروبار ڪندڙ شخصيتن خلاف نيب قانون جو غلط استعمال ڪيو ويو، ڪنهن ڏوهه جي نوعيت تبديل ڪرڻ درست ناهي، ڪرپشن معاشري ۽ عوام لاءِ هاڃيڪار آهي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته زور لڳائي لڳائي ٿڪجي پيا آهن ته نيب ترميمن مان غلطي نڪري پر ناهي ملي رهي، ڪجهه شيون فطرت تي به ڇڏڻ گهرجن، چونڊون ويجهو آهن عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيس هڪ موڪل تي به هلائي سگهون پيا پر بنيادي حقن جو معاملو هو تنهنڪري ٻڌي رهيا آهيون، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽرين عوام جو امين هوندو آهي، سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي ته اِها آهي ته ڪيئن هڪ شخص پنهنجي مرضيءَ سان پارليامينٽ ڇڏي هليو ويو.

وڪيل خواجا حارث چيو ته اِهو سياسي فيصلو هوندو آهي ته پارليامينٽ ۾ ويهڻو آهي يا ڇڏڻو آهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽ جو فورم موجود هو، پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪيئن ڇڏي؟ درخواست گذار جي نيڪ نيتي ڇا آهي؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.