لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ها ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ نيب اختيارين اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پرويز الاهي نيب طرفان پنهنجي گرفتاري کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو ۽ جسٽس امجد رفيق پرويز الاهي کي پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڊي جي نيب جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالت جمعي جي ڏينهن پرويز الاهي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

لاهور  هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس امجد رفيق پڇاڻو ڪيو ته احتساب عدالت کي ٻڌايو هو ته انٽرا ڪورٽ اپيل خارج ٿي وئي هئي؟ ان تي نيب  پراسيڪيوٽر چيو ته کيس ان معاملي جي ڄاڻ ناهي.

نيب پراسيڪيورٽر جي جواب تي جسٽس امجد رفيق چيو ته ان جي مڪمل انڪوائري ٿيندي، مان فلحال پرويز الاهي کي تُرت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو.

لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي آزادي جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ عدالت چيو ته پرويز الاهي کي نيب يا ڪا اٿارٽي ۽ ايجنسي گرفتار نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته پرويز الاهي کي ڪنهن به قانون تحت نظربند به نٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.