مُلڪ ۾ عام چونڊن ۽ تڪبندين وارو معاملو، الڪيشن ڪميشن مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مُلڪ ۾ جلد عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تڪبندين جي اعلانيل تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي.

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ سياسي جماعتن سان مشاورت ۽ فيڊ بيڪ کي نظر ۾ رکندي اڄ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ عام چونڊن جو شيڊيول ۽ تڪبندين سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو.

ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت ۽ فيڊ بيڪ کانپوءِ تڪبندين جو وقت گهٽائي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪبندين جي اشاعت 30 نومبر تي ٿيندي ۽ تڪبندين جي شيڊيول ۾ ڦيرڦار جو مقيد جلد اليڪشن ممڪن بڻائڻ آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، تڪبندين جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي اليڪشن شيڊيول جو اعلان پڻ ڪيو ويندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي ڪم جي شفافيت کي يقيني بڻائيندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن تڪبدين جي تاريخ 14 ڊسمبر مقرر ڪئي هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين عام چونڊن جي سلسلي ۾ مُلڪي سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ سمورن سياسي اڳواڻن چونڊن جو عمل جلد کان جلد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.