لاهور (عوامي آواز نيوز) سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سلطاني شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ اهي به اطلاع اچي رهيا آهن ته جنرل (ر) فيض حميد به سائفر ڪيس ۾ سلطاني شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمران خان سائفر ڪيس ۾ جاچ دوران جنرل (ر) فيض حميد ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر سازش جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي ڇڏيو هو.
ان بعد جنرل (ر) فيض حميد کي ڄاڻ ڏني وئي جنهن بعد جنرل (ر) فيض سلطاني شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 1 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي