لاکيڻي لطيف جو اڄ 280 هون عرس، پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي اڄ ٿيندڙ 280 هين عرس مبارڪ لاءِ انتظام مڪمل ٿي ويا، سنڌ جو  گورنر ڪامران ٽيسوري مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح ڪندو، پڄاڻي واري تقريبن ۾ سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شرڪت ڪندو، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سبب ٽن سالن جي وقفي کانپوءِ عرس مبارڪ جون تقريبون ڀٽ جي نگريءَ ۾ منعقد ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ڀٽ نگريءَ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، سنڌ جي ثقافت کاتي، ضلعي انتظاميه مٽياري، پوليس، صحت، اوقاف ۽ بلدياتي ادارن پاران لطيف جي پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر سمورن کاتن کي لطيف جي پانڌيئڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ طبي سهولتون ڏيڻ توڙي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رابطي جون هدايتون جاري ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي کي عرس مبارڪ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منظور لغاري پڻ ڀٽ شاهه ۾ عرس مبارڪ جي انتظامن جي نگراني ڪندو، هن سال عرس مبارڪ دوران دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ لطيف جي شاعري ۽ پيغام سان چاهه رکندڙ عام ماڻهن، شاگردن ۽ لطيف سائين تي تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل آن لائين ڀٽائي پيڊيا جي مهورت ڪئي ويندي جنهن بابت آن لائين ڀٽائي پيڊيا سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ناليوارو محقق عبدالماجد ڀرڳڙي تفصيلي بريفنگ ڏيندو. آن لائين ڀٽائي پيڊيا ذريعي شاهه لطيف جي رسالي گنج کان ويندي سڀني معتبر، محققن ۽ شاعرن جا ترتيب ڏنل رسالا ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ آن لائين رکيا ويا آهن، ان کان سواءِ اردو، پنجابي، فارسي، انگريزي ۾ مختلف ترجمي نگارن جا ترجما هر بيت سان گڏ موجود آهن.

پانڌيئڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ڀٽ شاهه ۾ قلم 144 لاڳو

مٽياري: ملڪ توڙي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهچندڙ لکين پانڌيئڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ڀٽ شاهه ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي  هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي، درگاهه جي چوڌاري چرپر تي نظر رکڻ لاءِ 52 سي سي ٽي وي ڪئميرائون ۽ 8 واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا، ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم جي سربراهي ۾ ڀٽ نگري کي ٽن سيڪٽرز ۾ ورهائي 2561 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، هر سيڪٽر جي نگراني پوليس جا سينئر آفيسر ڪندا، ٽريفڪ رواني برقرار رکڻ لاءِ پڻ جامع پلان مرتب، سيڪيورٽي لاءِ مرڪزي ڪنٽرول روم ڀٽ شاهه اندر قائم ڪيو ويو آهي، درگاهه اندر داخل ٿيندڙن جي جامع تلاشي لاءِ مرد پوليس اهلڪارن سان گڏ ليڊيز پوليس اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا، لطيف جي پانڌيئڙن کي فول پروف سيڪيورٽي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀر وارن ضلعن مان پڻ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن سگهڙ ڪچهري منعقد ٿيندي

مٽياري: عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن منجهند جو  ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ سگهڙ ڪچهري منعقد ٿيندي جنهن ۾ لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي ڏور، بيت، وائي، ڳجهارتون ۽ ٻيا هنر پيش ڪندا. سنڌ جا نالي وارا سگهڙ رحمت الله لاشاري، محمد قاسم راهمون، ممتاز عباسي، قاضي بدر الدين سميت ٻيا سگهڙ شرڪت ڪندا، عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس منقعد ٿيندي جنهن ۾ ناميارا محقق، اديب ۽ دانشور لطيف سائين جي شاعري جي فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالا پيش ڪندا. ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻي، تاج جويو، شوڪت علي اڄڻ، ادل سومرو سميت ٻين اديبن ۽ دانشورن کي شرڪت جي دعوت ڏني  وئي آهي، ثقافت کاتي پاران شاهه جي باغ ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ هٿ جي هنرن جي نماءُ لاءِ ثقافتي ڳوٺ ٺاهيو ويو آهي.

پانڌيئڙن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ اسپتالن اندر ايمرجنسي لاڳو

مٽياري: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نظير ملاح  مطابق لطيف جي پانڌيئڙن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڀٽ شاهه سميت سموري ضلعي جي اسپتالن اندر ايمرجنسي نافذ ڪندي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ڪنهن به امڪاني ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀٽ شاهه اندر ۽ نيشنل هائي وي تي 30 ايمبولنسز موجود رهنديون، جڏهن ته هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ، ليبارٽري ٽيسٽ سميت مختلف بيمارين جي علاج بابت آگاهي ڏيڻ جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه صبح ۽ شام ڀٽ شاهه اندر اينٽي مليريا اسپري پڻ ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.