شاهه لطيف جو سنڌي ٻوليءَ کي عالمي ادبي ٻولي سان ڳنڍڻ

تحرير: احسان سنگراسي

سنڌ جي ساڍا پنج هزار سال پراڻي تاريخ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان سواءِ ڪنهن به عالمي ليول جي سنڌي سائنسدان، مفڪر، دانشور يا شاعر جو نالو نٿو ملي شاهه جي فڪر ۽ فن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي هڪ ٻئي لطيف جي ضرورت آهي. هن وقت تائين سندن فڪر يا شاعري تي، جيڪي تشريحون ٿي چڪيون اهي ٺيڪ آهن ۽ ڪنهن حد تائين اسان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿيون پرشاهه جي شاعري عام ماڻهو جي فهم فراست کان مٿي آهي هن جي شعرگوئي عام شاعرن جي مزاج مطابق نه آهي نه راتين جو اوجاڳا ڪن پيا. نه لفظن جي جوڙ جڪ، نه بحروزن تي مٿا ماري ڪرڻي پئي. هن تي شاعري الهام ٿيندي هئي ۽ وڏڦڙي وانگر وسندي هئي. پر افسوس جو شاهه جا همعصر اهل علم سنڌ جون علمي نامور شخصيتون جن سان شاهه سائين جون روح رهاڻيون ٿينديون هيون جن شاهه جي اهم ڪلام کي جمع ڪرڻ ۽ مالڪي ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي.

سنڌ جي نامور عالمن، عارفن سان شاهه سان صحبتون، ميون شاهه عنايت رضوي وفات سن 1123هه نصرپور، ميون صابر ولهاري وفات 1135 هه ولهار، شاهه خيرالدين قادري هالائي، آخوند حاجي متين الدين هالا پراڻا، سيد شهمير شاهه مٽياري، مخدوم عبدالباسط هالائي، حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو، ميون مبين ٿرائي جيڪو مخدوم محمد هاشم جو همعصر ۽ دوست هو ۽ سندن چوٽياريون ضلعو سانگهڙ ۾ وڏي درسگاهه هئي، کٿاب پڙهائيندو هو. ميون مبين حضرت شيخ عبدالرحيم گرهوڙي جو استاد هو.

هڪ دفعو سانوڻي جي رت ۾شاهه سائين مخدوم مبين کي وٽ آيل هو رات جو لنگر پاڻي گڏجي ڪيايون، پوءِ ڪچهري ۾ ڊيگهه ٿي وئي، جهڙڦڙ هلي پئي جڏهن محفل برخواست ٿي ته شاهه سائين موڪلايو تڏهن ميئين مبين چيو ته جهڙڦڙ آهي ترسي پئو شاهه سائين جواب ڏنو ته ( رداء جا رضا جي سا اوڇڻ آديسن) سررا مڪلي.

مخدوم دين محمد صديقي ڪوٽڙي. ميان صاحبڏنو فاروقي، جيڪو سچل سرمست جو ڏاڏو هو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، درويش ڏاتار ڏنو ملاڪاتيار، مخدوم ڀاون شاهه ملتان، مخدوم صادق نقشبندي ٺٽوي، جيڪو مخدوم معين جو شاگرد هو. مخدوم محمد زمان لواري جو استاد هو شاهه سائين جو مريد به رهيو. خواجه محمد زمان اول لواري وارو. مخدوم معين الدين ٺٽوي. جيڪو شاهه ولي الله دهلوي جو شاگرد هو. شاهه جو جگري يار هو.

ڄاڻايل عارفن سان رس رهاڻين، ملاقاتن بابت گهڻو ڪجهه ذڪر  تاريخ جي ڪتابن ۾ جيئن لطائف لطيفي، ميئين شاهه عنايت جو ڪلام،  تحفته الڪرام، تذڪره مشاهير سنڌ، معيار سالڪان طريقت قلمي ملي ٿو.

جيڪڏهن اهي عالم شاهه جي ڪلام کي گڏڪري ڪا تشريح ۽ تحقيق ڪن ها ته ڪافي حد تائين مقبول ۽ مستند هجڻ سان گڏو گڏ اڄوڪن اهل قلم جي قياس آراين، من گهڙت معلومات مان ڄان ته ڇٽي پوي ها.

منهنجو ڀٽائي جي ڪلام جي پارکن ۽ ادبي ادارن ۾ ويٺل محترمن کان فقط هڪ سوال آهي ته، هيستائين 23 رسالا مختلف ٻولين ۾ ڀٽائي جا آيا آهن، هزارين مقالا ۽ مضمون توڙي هر سال، هنڌين ماڳين ڪانفرنسون، پر اڃان اهو طئه نه ٿيو آهي ته شاهه لطيف ڀئين پور ۾ ڄائو ، يا هالا حويلي ۾؟ ۽ سندس ولادت جو سال ڪهڙو هو 1690ع تي اڪثر اهل، دانش متفق نا هن. اها لطيف شناسي يا ڀٽائي کان اڻڄاڻائي چئجي.

کريا پسي کيڻ …….. !

اڳي اسان کي عالمي ادب صرف چند ٻولين ۾ ملندو هو.جنهن ۾ يوناني، لاطيني، عربي، فارسي سنسڪرت، ايراني وغيره ۾ شاهه جي شاهڪار شاعري ۽ فڪر سنڌي ٻوليءَ کي عالمي ادبي ٻولين ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. دنيا جي عظيم ڏاهن هن دنيا جي اڻوڻندڙ نظام، معاشري جي فرسوده ريتن، رسمن، رواجن، انڌن اعتقادن، ويساهن خلاف آواز اٿاريو. مزاحمت ڪئي؟ دنيا کي بدلائي هڪ نئين دنيا اڏڻ جي ڳالهه ڪئي؟ ڪارل مارڪس، جرمني جو وڏو دانشور هو. تنهن چيو ته دنيا جا جيڪي دانشور ڏاها هئا تن پنهنجيون حياتيون ان ڳالهه تي گذاري ڇڏيون ته پهرين انهيءَ کي سمجهي ته دنيا ڇا آهي؟ دراصل انهن کي جيڪا ڳالهه ڪرڻي هئي ته هيءَ دنيا جهڙي به آهي تنهن کي بدلائي ڪيئن؟ نئين دنيا اڏجي ڪيئن؟؟؟ پر عالمي ليول جي ڪن ڏانهن، مفڪرن هن دنيا کي بدلائڻ لاءِ ڪي ڏس ۽ گس ڏسيا انهن سڀني مفڪرن جو سالار سنڌ ڄائو لطيف سرڪار آهي لطيفي فڪر مطابق هن دنيا کي بدلائي ڪانئين دنيا اڏجي، انهيءَ لاءِ نوان انسان، نيون سوچون نوان خيال، نوان رويا، نوان حوصلا گهرجن ۽ انهن سڀني معاملن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو ڪو نئون انسان گهرجي. نئون انسان ڪو سٺي پوشاڪ ۽ سٺي شڪل وارو نه پر نئين سوچ وارو ۽ فڪر وارو هجي. هن موجوده سسٽم جي ابتڙ هلي ڏيکاري.

هي جي آيا هير، سي اڳ نه ڏٺا ڪڏهن

آئون ترسان، هو تڪڙا، پٽ نه لائين پير

يا ٻئي هند چيائين ته

اک الٽي ڌار، وات الٽو عام سين

لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وه اوڀار

منجهان نوچ نهار، پريٺيرو پرين ڏي

يعني سسٽم، معاشري جي الٽ هل نه هن سسٽم جو حصو ٿي، به هن سسٽم مان بيزار ٿي تارڪ ٿي ڪا ڪنڊ جهلي ويهه، بلڪ هن سسٽم کي بدلائڻو آهي هن کان بالا تر ٿيڻو آهي. ڪو کاهوڙي ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

کاهوڙين کڻي ساجهر ٻڌا سندرا

ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪيائون پاڻ پڻي

ڏکن ڏيل هئي، ڇيه لڌائون ڇپرين

جيئن ملهه پهلوان ميدان ۾ لهڻ مهل سندرو تاڻي بهادرن واري دل کڻي مقابلي لاءِ لهندو آهي، وڏي جرئت مندي، دلبري سان سڀ ٽلون، اٽڪلون استعمال ڪندو آهي، آخري دم تائين وڙهندو آهي، مڙڻ، موٽڻ کي مهڻو سمجهي اڳتي وڌندو آهي، ايئن نون انسانن کي گهرجي نئين دنيا اڏڻ لاءِ پنهجو ڪردار اداڪن

جان جان هئي جيئري وڃي نه ويٺي.

 

تتي ٿڌي ڪاهانهي، ويل ويهڻ جي

متان ٿئي اونڌاهه، پير نه لهين پرين جو

لطيف انسانن کي سستي ڪاهلي مان ڪڍڻ، جدو جهد جاري رکڻ جا درس ٿو ڏي. لطيف جهڙو سگهارو شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيو نه ٿيندو هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهي اهي سنڌي ماڻهن جي مزاج جي ابتڙ آهن. سنڌي ماڻهو مزاجن سست آرامي آسائشي زندگي گزارڻ وارا. ٿڌين هوائن جا هيراڪ. جڏهن گهرجا سڀ ٽپڙ ختم ٿيا. ٻين کان قرض تي ٽوپي نراڙتي. جي پينگهي مان پير هيٺ رکندو ته ڄڻ پرديس ۾ گهر جو دادلو.

سرسامونڊي ۾ شاهه سائين انهن سامونڊين جي تعريف ساراهه، وڻجارن جون تياريون، اڳيان سمنڊجون لهرون سفر ڏکيو، واپسي ورڻ جي ڪااميد نه آهي. انهن جوانن جوڌن کي ڪهڙي نفيس انداز ۾ ساراهيو آهي.

لڳي اتر هير، ساموڊين سڙهه سنبا هايا

ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻائي سير

هينئڙي نت اڪير، کاري کيڙائن  جي

 

کارو جي کيڙين، سيئي منهنجا سپرين

رئان رهن نه لک سين، جهليان جهل نه ڏين

دنيا ۾ حسن ۽ عشق جا شاعر هزارين ملن ٿا.اميرن، بادشاهن جي مجلسن جا سينگار شاعر ٻيا به ملن ٿا پر لطيف واحد نرالو، يگانو اهو شاعر آهي جنهن اميرن، سرمائيدارن، بادشاهن جي قصيده گوئي، ۽ انهن جي مجلسن، محفلن کي ٺڪرائي صرف ۽ صرف پگهريل پورهيتن، ماروئڙن کي هيروڪري پيش ڪرڻ صرف لطيف جو ڪمال آهي. ٿرن برن، ڪيچ مڪران، هنگلاج، ڪچ ڀچ، جيسلمير کان جوڌپور تائين پيرن پنڌ ڪري انهن ماروئڙن سان رس رهاڻيون ڪيائين انهن روحاني رهائين جو ذڪر ڪندي چيائين

ڏينهان ڏورين ڏٿ سين، راتيان ڪن رهاڻ

عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.