گمشدگين خلاف عالمي ڏينھن تي ملڪ ۾ ٿيل احتجاج

گمشدگين خلاف عالمي ڏينھن جي موقعي تي انساني حقن جي تنظيمين ۽ سياسي سماجي ڌرين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مظاھرا ڪيا. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. اھا دعويٰ تھ ڪئي وڃي ٿي تھ ملڪ آزاد آھي ۽ جمھوريت بھ قائم آھي پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي. ملڪ ۾ صرف ٻئي نظريي رکڻ جي بنياد تي مختلف ماڻھن کي گم ڪيو وڃي ٿو اھو سلسلو ھڪ عرصي کان هلندڙ آھي، چوڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون ۽ عدليھ پڻ موجود آھن پر ڪي اھڙيون نظر نھ ايندڙ قوتون آھن،جيڪي قانون ۽ عدليھ کان بھ وڌيڪ سگھاريون آھن.

مسنگ پرسنز جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان ملڪ جي مختلف حصن ۾ مظاھرا ڪري احجتاج رڪارڊ ڪرايو ويو. اربع واري ڏينھن ڪراچي ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان گڏ ھزارين ماڻھن ان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.جنھن ۾ بلوچستان ۽ سنڌ سميت ٻين علائقن مان مسنگ پرسنز جي وارثن پڻ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ قانون جو رستو اختيار ڪندي، جيڪي بھ مسنگ پرسنز آھن انھن کي ظاھر ڪيو وڃي، جيڪڏھن انھن مٿان ڪو ڪيس آھي تھ انھن کي قانون جي عدالتن ۾ آندو وڃي.

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو بھ ھنيو ويو.ان کان اڳ  فريئر هال ۾ گم ٿيلن جي وارثن، انساني حقن جي ڪميشن  پاڪستان، سنڌ سجاڳي فورم، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، وائس آف بلوچ مسنگ پرسنز ۽  وائيس آف شيعه مسنگ پرسنز، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن طرفان گم ٿيلن جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو ويو.شرڪت ڪندڙن جي ھٿن ۾ انھن جي مسنگ ٿيل پيارن جون تصويرون ھيون. پريس ڪلب ٻاھران گڏ ٿيل ميڙاڪي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن اسد بٽ، تاج جويو، ناصر منصور،شيما ڪرماڻي،الاهي بخش بڪڪ، سميع الدين بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ ھي ڪھڙي جمهوريت آهي، جيڪا شهرين جو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي. هنن چيو ته اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي پاڪستان جي آئين کي به نه ٿا مڃين. اسلام آباد ،  ڄامشورو، ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ جبري گھمشدگين خلاف عالمي ڏھاڙي تي احجتاج ڪيو ويو.

انساني حقن واري ڪميشن(ايڇ آر سي پي ) گمشدگين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو آھي تھ  مسنگ پرسنز بابت ڪا اڳڀرائي نھ ٿي سگهي آھي. نه ئي ڏوهارين جو ڪو احتساب ٿي سگهيو آهي.بيان ۾ چيو ويو آھي تھ، جبري گمشدگين تي قانون سازي ٿيڻ گھرجي ھا پر رياست تاحال ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ايندڙ چونڊيل حڪومت ان معاملي ۾ وڌيڪ لنوائڻ کان ڪم وٺڻ جي سٽ نٿي سهي سگهي. اسلام آباد ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ خاص سيل قائم ٿيڻ باوجود جبري گمشدگين جي خاتمي بابت ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي،ھن گھر ڪئي تھ  غيرقانوني حراستي مرڪز بند ڪيا وڃن.

لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران ايڇ آرسي پي جي چيئرپرسن حنا جيلاني چيو ته ان ڏوهه جي تعريف ۽ ان لاءِ سزا جو تعين عالمي اصولن کي نظر ۾ رکي ڪيو وڃي، جبري گمشدگين تي قائم انڪوائري ڪميشن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي هن چيو ته انهن ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي جيڪي اهڙين ڀڃڪڙين جو حڪم ڏيندا آهن، ذميوار عنصرن پاران ڪيل ” غيرجانبداري“ جون دعوائون وائکيون ٿي ويون آهن.

اختيارين کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ سڄي دنيا ۾ انساني حقن کي تسليم ڪندي انسانن کي بنا ڪنھن امتياز جي حق ملي رھيا آھن، اھڙي دور ۾ بھ پاڪستان ۾ ڪنھن کي پنھنجي حقن لاءِ آواز ٿارڻ جي ڏوھھ ۾ گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بعد ڪيترن ئي اھڙن گم ڪيلن جا لاش ملن ٿا. رياست جو اھڙو  رويو شدت پسندي کي ھٿي ڏئي رھيو آھي جنھن جو سموري سماج تي ناڪاري اثر پوڻ لازمي آھي. انڪري ھوش کان ڪم ورتو وڃي ۽ اھڙين حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي بي صورت ۾ ان جا خراب نتيجا نڪرندا.

 

  • نگران سرڪار بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ ۾ ناڪام، احتجاج  ۾ شدت  

ملڪ ۾ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ  بلن خلاف احتجاج جاري آھي ۽ نگران سرڪار تاحال عوام کي ڪو رليف نھ ڏئي سگھي آھي. ٻئي پاسي ھن وقت ناڻي واري وزارت چار سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان تيار ڪري ڪري رھي آهي.وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ رليف جو پلان هنگامي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ نگران حڪومت طرفان بجلي جي بلن ۾ 250 ارب رُپين جي رليف جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزارت ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف اختيارين سان بجلي جي بلن ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجلي جي بلن جي ادائيگين ۾ سهولت ڏيڻ جي تجويز آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي آهي .اھو بھ جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضپو ڏيکاريو ته  ٻن مهينن لاءِ معاهدو ٿيندو.جنھن سان  آگسٽ ۽ سپٽيمبر جا بل قسطن ۾ وٺڻ لاءِ ناڻي واري وزارت لکت ۾ گارنٽي ڏيندي ۽ بنيادي ٽيرف ۾ ست رُپيا واڌ واپس وٺي مرحليوار ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بلن جي اوڳاڙي خلاف احتجاج ٿي رھيو آھي.ڪٿي ڪٿي شدت بھ نظر اچي رھي آھي ٻئي پاسي اڄ ۽ سڀاڻي بجلي جي قيمتن ۾ اضافي ۽ ڳاٽي ٽوڙي بلن خلاف ملڪ گير ھڙتال جو سڏ ڏنل آھي.

سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ اضافي بلن تي احتجاج دوران تشدد واري معاملي تي پوليس کي خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي سنڌ کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ملڪيتن ۽ عملي جي هر ممڪن سيڪيورٽي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

نگران حڪومت ان بابت جلد ڪو فيصلو نھ ڪيو تھ دٻاءَ وڌندو ويندو .جنھن سان حالتن جي ھٿن مان نڪرڻ جو خطرو پڻ موجود آھي.اختيارين کي معاملي کي سنجيدگي سان غور ڪندي ان جو بھترين حال ڳولڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.