انسان جي جسم جو هر عضوو وڏي ڪم جو هوندو آهي جنهن بابت اسان ڪيترائي ڀيرا ذڪر بھ چڪا آهيون، اهڙي ئي حوالي سان گردن جو به انسان جي جسم لاءِ انتهائي اهم ڪندو هجي ٿو جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون يا صحيح نموني ڪم نه ڪن ته ماڻهوءَ جي زندگي لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. اسان پنهنجي پڙهندڙن کي صحت جي مسئلن بابت ڪيترائي ڀيرا ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ انهن مسئلن جي حل لاءِ پڻ ديسي طريقا ٻڌائيندا آهيون جيڪي يقينن انهن جي لاءِ فائديمند هجن ٿا. ان سان گڏ اسان پنهنجي پڙهندڙن کي اها تائيد به ڪندا رهندا آهيون ته پنهنجي عضون جو خيال ڪيو ڇو ته اهي مارڪيٽ ۾ ناهن ملندا. جيڪڏهن ڪو به عضوو رڳو توهان جي احتياط سان ئي بهتر ۽ صحتمند رهي ٿو ته توهان کي علاج کان بچڻ گهرجي جيڪو توهان تي فرض به لاڳو ٿئي ٿو.