سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد آتڻا موري ڀرسان 12 ورھين جي مرڪ ڌيءَ اسلم ڇورو جو گھٽا ڏنل لاش جنتر جي فصل مان مليو ، ڳوٺ آتڻا موري ڀرسان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويل 12 ورهين جي مرڪ ڌيءَ اسلم ڇورو جو جنتر جي فصل مان گھٽن ڏنل لاش هٿ آيو، قاتلن ناري جي ڳلي ۾ رسو يا ڪپڙو ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش جهنتر جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي ڦلھڏيون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪري ڇڏيو، مقتولا مرڪ جو والدين کي اڪيلي نياڻي جو اولاد ھو لاش ڏسي وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، پوليس موجب معصوم مرڪ کي ظاهري طور ڳلي ۾ گهٽن جو نشان آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورءُ اچڻ بعد موت جي ڪارڻ جي اصل حقيقت جي خبر پوندي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.