”8 مهينن ۾ سوا چار سئو ماڻهو گم ڪيا ويا“

اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته سوا چار سئوا 8 مهينن ۾ لاپتا ڪيا ويا،گذريل سال پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿيو پر اهو  بل قانون نه بڻجي سگهيو، شهبازشريف صحافي مدثر نارو جي بازيابي جو واعدو ڪيو هو پر هو بازياب نه ٿي سگهيو مٿان وري هڪ ٻيو صحافي عمران رياض لاپتا ڪيو ويو.

ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته گم ٿيلن جو ڪو به والي وارث ناهي، بنديال صاحب ويٺو آهي اهو درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري،پي ٽي آٰءِ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن ملڪ ۾ شروع ڏينهن کان طاقت جو نظام قائم آهي، هتي رڳو مظلوم بدلجندو آهي ظالم ساڳيو ئي آهي.

نگران وزيراعظم ڇا ٿو ڪري سگهي، هن جي ڪا به حيثيت ناهي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عابد زبيري چيو ته جسٽس مظاهر نقوي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر هو تڏهن اعظم نذير تارڙ هن جي ايمانداري لاءِ حلف نامو جمع ڪرايو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ ماضي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي بابت درخواستن تي بڌڻي ٿينديون هيون،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيلن جي وارثن جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿئي ٿي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.