اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ نواز شريف جي ٻن غلطين (ن) ليگ جي سياست کي اونهي کاهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
نامياري صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پهرين وڏي سياسي غلطي ڊيل ڪري پرڏيهه وڃڻ هو، جڏهن ته ٻي وڏي غلطي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ بدران شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرڻ هو.
اڄ عوام مهانگائي ۽ ڳاٽي ٽوڙ بجلي بلن جو اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف کي ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي، نواز شريف هاڻي ڪهڙي منهن سان عوام آڏو ايندو ۽ 16 مهينن جي حڪمرانيءَ جو عوام کي ڪهڙو جواب ڏئي مطمئن ڪندو.
ان صورتحال ۾ (ن) ليگ به متحد نه رهي آهي، جڏهن ته آصف علي زرداري 16 مهينا حڪومت جا مزا به ماڻيا ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزارت جو تجربو به ڪرايو پر مهانگائي ۽ سخت حڪومتي فيصلن کان به پارٽيءَ کي وڏي حڪمت عملي سان پري رکيو، نتيجي طور مهانگائي جهڙن عوام دشمن سخت فيصلن جو سمورو سياسي نقصان (ن) ليگ جي حصي ۾ اچي ويو آهي.
هاڻي نواز شريف وٽ هڪ ئي رستو آهي ته پاڻ، مريم نواز ۽ حمزا اهو اعلان ڪن ته ايندڙ حڪومت ۾ ٽنهي مان ڪو به نه هوندو. نواز شريف صرف پارٽي سنڀاليندو. پارٽيءَ مان ڪن لکيل پڙهيل سنجيدا اڳواڻن کي حڪومت هلائڻ جو موقعو ڏئي.
بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ بعد به وقتي وزيراعظم لاءِ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جا نالا ورتا ويا پر آصف علي زرداري جي چوڻ تي شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرڻ جي غلطي ڪئي وئي. وري فوري چونڊون نه ڪرائڻ به وڏي غلطي هئي. جيڪو فيصلو به آصف علي زرداري جي چوڻ تي ڪيو ويو. نتيجو اڄ سڀني جي سامهون آهي، (ن) ليگ جي سياسي ٻيڙي ٻڏي چڪي آهي، اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف به ڄڻ عوام جي ڪاوڙ کان ڊڄي لنڊن پناهه ورتل آهن.
رهيو سوال ته هاڻي پيپلز پارٽي به ڏکي صورتحال ۾ آهي. سنڌ ۾ 15 سال حڪمراني ڪرڻ دوران ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي. نتيجي ۾ ان جو گهيرو به تنگ ٿي رهيو آهي.
آصف علي زرداريءَ لاءِ به اهو ئي مناسب آهي ته پاڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري صرف پارٽي هلائڻ تائين محدود ٿي وڃن ايندڙ وقت ۾ پارٽي جي لکيل، پڙهيل، محنتي اڳواڻن کي اهم عهدن ۽ وزارتن تي مقرر ڪن، ان سان موروثي سياست جو داغ ٻنهي وڏين پارٽين تان ڌوپي سگهندو ۽ سياسي طور وڌيڪ مضبوط ٿي سگهنديون، ملڪ جي موجوده حالتن مان اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته چونڊون فيبروري ۾ ئي ٿينديون پيپلز پارٽي هاڻي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرئڻ جي مطالبي تي عمل ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي.
ساڳي طرح نواز شريف سيپٽمبر ۾ اچي يا آڪٽوبر ۾ ڪو فرق پوندو نظر نٿو اچي. هاڻي نواز شريف وٽ ڪو عوامي نعرو به نه بچيو آهي. پارٽي به اندروني طور انتهائي ڪمزور ٿي چڪي آهي. مهانگائي ماريل ماڻهون گهڻي وقت تائين اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف کي معاف ڪندا نظر نٿا چن ، نواز شريف آيو ته ان جو استقبال ڪهڙا لکين ماڻهون ڪندا.؟ اهو هڪ اهم سوال آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز خميس 31 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي