اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بجلي جي بلن کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ في ليٽر ويهه رُپيا واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري اڄ نگران حڪومت ڏانهن اُماڻي ويندي، اڄ رات 12 وڳي کان پيٽرول جي قيمتن وڏي واڌ جو امڪان آهي، اگهن ۾ واڌ جي حتمي منظوري نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي مشاورت سان ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول 15رُپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 20 رُپيا، گاسليٽ اٽڪل 15 رُپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن واڌ جو اهم سبب ڊالرجي اگهن ۾ لڳاتار واڌ کي قرار ڏنو پيو وڃي.