اسرائيلي رانديگر سان هٿ ملائڻ تي ايراني ويٽ لفٽر تي تاحيات پابندي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پنهنجي ويٽ لفٽر مصطفيٰ رجائي تي اسرائيلي رانديگر سان هٿ ملائڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ايراني ويٽ لفٽر مصطفيٰ رجائي عالمي ويٽ لفٽنگ مقابلي ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ اسرائيلي رانديگر سان هٿ ملايو هو ۽ ساڻس گڏ تصوير ڪڍرائي هئي.
اسرائيلي رانديگر سان هٿ ملائڻ ۽ تصوير ڪڍرائڻ جي ڏوهه ۾ ايران مصطفيٰ رجائي تي تاحيات پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايران جي ويٽ لفٽنگ فيڊريشن ويٽ لفٽنگ ڪميٽي کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.