صبا قمر کي ساٿي ملي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سپر اسٽار صبا قمر پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن جي اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
صبا قمبر تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي بابت مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
پروگرام ۾ ميزبان اداڪارا صبا قمر کان سوال ڪيو ته اوهان جي اکين ۾ صبر ۽ سڪون آهي، منهنجي زندگي جو تجربو آهي ته ڪو ته آهي جيڪو اهو کڻي آيو آهي.
صبا قمر جواب ڏيندي چيو ته هر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ هڪ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي جنهن تي ميزبان سوال ڪيو ته ڇا اوهان اڃا ضرورتمند آهيو يا ضرورت پوري ڪري چڪيون آهن؟
صبا قمر شرميلي مرڪ سان مختصر جواب ڏيندي چيو ته الحمد الله.
واضح رهي ته مداحن طرفان اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون ته هندي ميڊيم اسٽار کي ڪوئي ملي ويو آهي پر صبا قمر هاڻ انهن اڳڪٿين جي گھڻي حد تائين تصديق ڪري ڇڏي آهي.
صبا قمر کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن اوهان جي زندگي تي بايو پڪ بڻجي ته اوهان ڪهڙي اداڪارا کي پنهنجو ڪردار ڏيڻ چاهيندئو؟
جنهن تي صبا قمر چيو ته ان سوال جو جواب ڏيڻ ڏکيو آهي پر مون کي اقرا عزيز ۾ پنهنجي جهلڪي نظر ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.