صحافي ارشد شريف جو خون لڙهي ويو، قاتل احتساب بدران نوڪرين تي بحال

سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ۾ ملوث ڪينين پوليس جي 5 اهلڪارن کي بنا احتساب جي نوڪري تي بحال ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن کي ترقي به ڏني وئي.
پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي قتل ۾ ملوث ڪينيا پوليس جا پنج ئي اهلڪار بحال ٿيڻ کانپوءِ ڊيوٽي تي واپس اچي ويا.
ڪينيا جي صحافي نيابوگا ڪياگي ٻڌايو ته پنجن ئي پوليس اهلڪارن کي انڪوائري ۾ بي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي ۽ 9 مهينن کانپوءِ ارشد شريف جي قتل ۾ ملوث 5 پوليس اهلڪار نه رڳو مراعتن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن پر انهن مان ٻن کي ترقي به ڏني وئي آهي.
ڪينيا جي انڊيپينڊنٽ پوليسنگ اوور سائيٽ اٿارٽي 9 مهينن کانپوءِ به قتل جا ڪارڻ منظر تي نه آڻي سگهي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي بحالي ۽ جاچ ۾ ڊيگهه بابت سوال جو جواب به اٿارٽي جو ترجمان نه ڏئي سگهيو.
هوڏانهن ڪينين ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل پوليس سروس ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهي هئي، ڇو ته ان جا پنهنجا ميمبر شامل هئا.
ڪينيا جي انساني حقن جي ڪميشن جي رڪن مارٽن موجب دير سان واضح آهي ته نيشنل پوليس سروس ان معاملي جي جاچ ۾ دلچسپي نه رکي.
واضح رهي ته ارشد شريف کي 23 آڪٽوبر 2022 ۾ ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ فائرنگ ڪري ماريو ويو هو، پوءِ ڪينيا جي پوليس طرفان واقعو غلط سڃاڻپ تحت پيش اچڻ جو جواز ڄاڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.