چيونگ گم تي آرٽ جا نمونا بڻائيندڙ انوکو فنڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لندن جو هين ولسن هڪ محنتي تخليقڪار آهي جيڪو گذريل 19 ورهين کان ڦٽو ڪيل شين تي پينٽنگ ڪري رهيو آهي جن ۾ چيونگ گم به شامل آهي.
همراهه ملينيئم برج وٽ نظر ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن زمين تي چنبڙيل چيون گم تي ئي رنگ وکيريندو آهي. ان لاءِ پهريان هو چيونگ گم کي برنر سان گم ڪندو آهي ۽ پوءِ ان کي ڦهلائي ڪينوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هو هر سائز ۽ شڪل جي چيونگ گم تي پينٽنگ ڪندي نظر ايندو آهي.


هو روڊ جي ڪنڊ تي پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي پر تمام گهٽ ماڻهو سندس ڪم ڏسي سگھندا آهن ڇو جو تمام ننڍيون پينٽنگز ڏسڻ لاءِ بيهڻ ۽ جهڪي ڏسڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. پر هڪ ڀيرو جڏهن اوهان انهن کي ڏسندئو ته ان جي اندر لڪيل خوبصورتي ۽ تفصيل ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن.
بين ولسن ٽٽل ٽائلن جي ٽڪرن تي به مصوري ڪندو آهي جيڪو مائڪرو پينٽنگ جو هڪ نمونو به آهي. اهڙيءَ طرح هو پينٽنگ کان پوءِ ان شيءِ کي اصل هنڌ تي به ڇڏي ڏيندو آهي ۽ اهو ان جو حصو بڻجي ويندو آهي. هو چاهي ٿو ته ماڻهو بيهي ڪري پنهنجن پيرن هيٺان خوبصورتي کي ڏسن ۽ محسوس ڪن.
پر روڊن، فٽ پاٿن ۽ ڀتين سان چنبڙيل پينٽنگ ڏکيو ڪم آهي. لنڊن انتظاميا سندس ڪيترين ئي پينٽنگز کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. پر ملينيئم پل وٽ سندس سوين تخليقون اڃا به ڏسي سگھجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.