ايشيا ڪپ ۾ ڪنهن کي آسان نه وٺنداسين، منهنجي ٽيم بيسٽ آهي: بابر اعظم

ملتان (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سريلنڪا ۾ افغانستان خلاف سيريز سٺي رهي، ڪاميابي جو تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ڪنهن به مخالف ٽيم کي آسان نه وٺنداسين، سڄي ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ سان خوشي ٿئي ها، پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ سدائين اهم هوندي آهي.
هن چيو ته قومي ٽيم تي هر قسم جون ڳالهيون ٿيون، ڪنهن اعتراض ڪيا، ڪنهن تعريف به ڪئي، اسان جو فوڪس ڪرڪيٽ تي رهيو، جنهن سبب ون ڊي ۾ نمبر ون ٽيم بڻياسين.
سندس چوڻ هو ته ٽريولنگ شيديول اهڙو ٺاهيو آهي جو آرام به ملي رهيو آهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي جلد سٺي خبر ملندي پر اسان جو فوڪس ڪرڪيٽ تي آهي.
بابر اعظم چيو ڪپتاني کانپوءِ مان مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ماڻهن جون اميدون وڌي ويون آهن، جيڪي اسان کي پوريون ڪرڻيون آهن، منهنجو مقصد ٽيم کي فائدو پهچائڻ آهي، انفرادي سطح تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٽيم جي ڪاميابي جو سوچيندو آهيان.
هن چيو ته مون کي هن وقت پنهنجي ٽيم بيسٽ لڳي رهي آهي، اڃا ورلڊ ڪپ ۾ وقت آهي، جيڪڏهن ڪا تبديلي ڪرڻي پئي ته اڃا چانس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.