ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي اوچتو شينهن اچي ويو، شهرين ۾ خوف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي شينهن اچي ويو، جنهن کي ڏسي شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا.
شاهراهه فيصل تي عائشا باواني ڪاليج ڀرسان شينهن گهمندو هڪ عمارت جي پارڪنگ ۾ پهچي ويو، اطلاع تي پوليس اهلڪار به پهچي ويو، جڏهن ته شهرين جو به وڏو انگ اتي پهچي ويو.
شاهراهه فيصل تي عائشا باواني ڪاليج سامهون گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
پوليس موجب گاڏي ذريعي شينهن کي منتقل ڪيو پئي ويو ته اهو گاڏي مان نڪري آيو، پوليس گاڏي جي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته وائلڊ لائف اختيارين سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.