عامر خان جي نئين فلم ڪڏهن رليز ٿيندي؟ تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان ايندر سال ڪرسمس جي موقعي تي نئين فلم سان گڏ وڏي اسڪرين تي واپسي جو فيصلو ڪري ورتو.
فلم ”لال سنگهه چڊا“ کان پوءِ اداڪار مختلف پروڊڪٽس پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ هن پنهنجي ايندڙ فلم لاءِ 20 ڊسمبر 2024ع جي تاريخ طئي ڪري ڇڏي آهي.
نئين فلم جو نالو اڃا فائنل ناهي ڪيو ويو ۽ في الهال اها پري پروڊڪشن جي اسٽيج تي آهي جڏهن ته جنوري 2024ع تائين ان جي شوٽنگ شروع ٿي ويندي.
عامر خان جي پروڊڪشن ڪمپني جي اها 16 هين فلم آهي ۽ ان پروجيڪٽ جي حوالي سان هو گھڻي عرصي کان ميڊيا جي سرخين ۾ آهي.
ذريعن موجب اڃا تائين اها ڳالهه ڪليئر ناهي ٿي ته عامر خان جو فلم ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو ۽ فلم جي نوعيت ڪهڙي هوندي.
واضح رهي ته سپر اسٽار اداڪار هالي ووڊ اداڪار ٽام هينڪس جي فلم ”فاريسٽ گمپ“ جي هندي ري ميڪ ”لال سنگهه چڊا“ جي نالي سان بڻائي وئي هئي جيڪا باڪس آفيس تي ڪامياب نه ٿي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.