ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ادارن جي توهين جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس گل حسن ترين انصاف لائرز فورم جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف بجلي روڊ ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ پاران جاري ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ به معطل ڪري ڇڏيا.