نواب شاھ(ڊ ر)نواب شاھ جي سڪرنڊ روڊ تي يونيورسٽي ناڪي وٽ قائم گاڏين جي شوروم پاڪ موٽر تي ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي ملازمن کي يرغمال بڻائي ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا انھي سلسلي ۾ شوروم مالڪ مرتضيٰ سيال چيو ته ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي رقم ڦر ڪئي آھي جڏھن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي ٻن مقامي اڳواڻن جو شوروم جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي جنھن جي نتيجي ۾ شوروم تي ويٺل ڌر تي مخالف ڌر اھڙي ڪاروائي ڪئي آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي