عمران کي ديسي گيهه ۾ تيار ٿيل ڪڪڙ ۽ ٻاڪرو گوشت ملي ٿو: اٽارني جنرل

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس فرمائش تي جيل ۾ ديسي گيهه ۾ تيار ٿيل ڪڪڙ جو گوشت ۽ ٻاڪرو گوشت ڏنو وڃي  ٿو، پي ٽي آءِ جي ڏوهاري چيئرمين کي پيمنٽ آرڊر تي منرل واٽر ۽ ٻيون شيون به گهرائي ڏنيون وڃن ٿيون. اٽارني جنرل اٽڪ جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملندڙ سهولتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.اٽارني جنرل چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ سيل ٿيل رپورٽ جمع ڪرائي. ذريعن موجب جسٽس مظاهر ۽ جسٽس مندوخيل جي چيمبرز ۾به اها رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي بيرڪ مان ٻاهر ڪڍي جيل جي احاطي ۾ واڪ ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، کيس روزاني بنياد تي ميوا به ڏنا وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ حاصل سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي 9 بائي 11 سائيز جي بيرڪ ۾ رکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي واش روم جي ڀت 6 فوٽ اونچي آهي ۽ واش روم جي سائيز 7 بائي 4 آهي، پکي جي سهولت موجود آهي.  گدا، ايئر ڪولر، 4 بيڊ، ٽيبل ۽ ڪرسي پڻ ڏني وئي آهي. ان کان علاوه عمران خان کي قرآن پاڪ جا 4 انگريزي ترجما ۽ 25 تاريخي ڪتاب پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ 54 اهلڪار مقرر آهن. 21 انچن جي ٽي وي ۽ روزاني اخبار فراهم ڪئي وئي آهي، انهن کي چيڪ ان بيرڪ، واش روم ۽ ڪپڙن جي صفائي لاءِ اسٽاف پڻ فراهم ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سيڪيورٽي لاءِ جيل ۾ اضافي 54 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.