ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ سبب 480 ڳوٺ ٻڏي ويا

لاهور (م ڊ) پنجاب جي ڊي جي پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته ستلج درياءَ جي ڀرپاسي جي هيٺاهين وارا علائقا 17 آگسٽ  کان پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن، جتي ڀرپور انداز ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ستلج درياهه ۾ چاڙهه اچڻ بعد ٻوڏ سبب پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 480 ڳوٺ ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سڀ کان وڌيڪ بهاولنگر جا 155 ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. متاثر ضلعن ۾ 95 ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ماڻهن کي طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ان کان علاوه هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.