حيدرآباد(رپورٽر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي شيراز هائوس ڪوهسار لطيف آباد حيدرآباد ۾ ڪامريڊ نظير عباسي جي ياد ۾ هڪ فڪري نشست کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سياسي ، معاشي، ۽ سماجي حالتون سنگين صورت اختيار ڪري چڪيون آهن، هڪ طرف عوام عالمي سرمائيداري نظام جي بي رحم چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ته ٻي طرف آمريڪا ۽ چين جي باهمي سرد جنگ مختلف ملڪن کي بحرانن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ روس پنهنجي پنهنجي پراڪسيز ٺاهي خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويٺا آھن، ان جو مثال داعش، بليڪ واٽر، بوڪوحرام ، ۽ وينگار جهڙيون تنظيمون آهن،هن چيو ته پاڪستان ۾ فيصلا ڪن حيثيت رکڻ واري طاقتور ۽ اقتدار تي قابض رهڻ وارن حڪمرانن هن وقت ڏيکاءٌ لاءِ جيڪا نگران حڪومت ٺاهي آهي انهي مان عوام جي ڏکن جو علاج ڪرڻ جي اميد رکڻ خوشفهمي کان علاوه ڪجهه به ناهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته پهرين کان به گهڻي بي رحمي ۽ سنگدلي سان بجلي ، گئس، پيٽروليم ، مصنوعات ۽ کائڻ پيئڻ جي مڙني شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ مان لڳائي سگهجي ٿو، انهن جي مائنڊ سيٽ جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ تائين حڪمران صدر، وزيراعظم، وزير، گورنر ،صوبائي وزيراعليٰ صوبائي ڪابينا جي خرچن، مالي مراعات ۽ مفت سهولتون ختم ڪرڻ ۽ گڏوگڏ 18 کان 22 گريڊ جي اعلا افسرن، جج صاحبن، جو انهن حالتن ۾ به 12۔12 لک کان مٿي پگهارن سان گڏ مفت بجلي، مفت گئس، مفت پيٽرول، مفت رهائش ، مفت ٽيليفون، مفت طبعي سهولتون، ٽي اي ڊي اي الائونسز ۽ ٻين مالي مراعتن جا مزا وٺي رهيا آهن، انهن حالتن کان تنگ اچي عوام پنهنجي طور بغاوت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي، پاڪستان جي ملحق علائقن کان شروع ٿيڻ واري سول نافرماني واري تحريڪ انارڪي جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي، ان تحريڪ کي انقلابي هلچل ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهي حالت ۾ افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته کاٻي ڌر جون عوام دوست سياسي پارٽيون تنظيمي لحاظ کان ڪمزور ٿيڻ جي ڪري پنھنجو اڳواڻي وارو ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيون،