پي ٽي آءِ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اعليٰ قيادت بشمول پارٽي چيئرمين، نائب چيئرمين ۽ نائب صدر جيل ۾ آهن، پر هاڻ پارٽي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ  سرگرم نظر اچي رهي آهي، پارٽيءَ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيئر پارٽي قيادت عمران خان، شاهه قريشي ۽ پرويز الاهي جي غير موجودگيءَ ۾ پي ٽي آءِ  جي ٻي سطح جي قيادت سنجيدگي سان گڏ اها رستا ۽ ذريعا ڳولي رهي آهي جنهن جي مدد سان پارٽي کي ان موجوده صورتحال مان ڪڍي سگهجي، پي ٽي آءِ جي هڪ ذريعي موجب پارٽي ۾ ان ڳالهه تي به بحث ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ مسلسل ڇڪتاڻ سبب پارٽي کي فائدو آهي نه ملڪ ۽ اداري کي، ذريعي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ پارٽي جي طرفان پنهنجي موجوده پاليسين جو جائزو وٺي ۽ ان عيوض اداري کي اها ضمانت ڏئي سگهجي ٿي ته عمران خان فوج ۽ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان پنهنجو موقف نرم رکندو، خابرو اداري پاران رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ۽ ترجمان صداقت علي عباسي چيو ته پارٽي ملڪ کي عوام جي وسيع تر مفاد ۾ اداري ۽ عمران خان جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.