حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اسان کي برابري وارو جمھوري نظام گھرجي، آئين ۽ قانون جي بالادستي گھرجي، ڪرپٽ ماڻھن ۽ شخصيتن کي بي تاج بادشاھ ۽ طاقتور بڻائڻ بدران نظام کي مضبوط بڻايو وڃي جنھن ۾ انصاف ھجي، جنھن ۾ ھاري ۽ مزدور خوشحال ھجي، سنڌ کي پنھنجي وسيلن تي مالڪي جو حق ھجي. تعليم، صحت ۽ روزگار ھجي، پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي ۽ ترقي نٿو ڪري سگھي، جمھوريت جي نالي ۾ اڻبرابري نه ھلندي، جمھوريت جو مطلب برابري آھي، اقرباپروري، ڪرپشن ۽ آمريتون تباھي ۽ بربادي جو رستو آھن، دنيا جي سڌريل ملڪن آئين، انصاف، ميريٽ ۽ شفافيت جي رستي تي ھلي ترقي ڪئي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا به قصر نه ڇڏي آهي، وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا آهن ۽ سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو آهي، سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي، شھباز شريف پنهنجي حڪومت دور ۾ عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھه به نه ڏنو.