بڊاڻي واسي نوجوان اغوا، پيرا کڻي ويل ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بڊاڻي واسي پورهيت نوجوان کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، بڊاڻي جي ڳوٺ الھه بچايو ڀٽو واسي  نوجوان نوالدين پُٽ نظير احمد ڀٽو ڳوٺ کان شهر طرف هوٽل تي مزدوري ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، مغوي جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران هٿياربندن جو پيرو کڻي ڪچي طرف روانا ٿيا، ڳوٺاڻن ڏوهارين جا پيرا موحب بنگوار جي گهر ۾ وڌا، بنگوار برادري جي هٿياربندن ڳوٺاڻن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني مياڻي پوليس ۽ ڳوٺاڻا ڪچي ۾ موجود هئا، وڏي نقصان جو ٿيڻ جو انديشو، مياڻي ۽ گبلو ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.