راڻيپور: پيراڻي اوطاق تي ڪوٺايل ڪٺ ۾ پوليس ۽ صحافين کي گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ پوليس تي رشوت وٺڻ جو الزام هڻڻ ۽ فاطمه قتل ڪيس ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اڪبر ڪلهوڙو کي راڻيپور جي پوليس جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري رپورٽ پيش ڪئي ۽ عدالت کان رمانڊ جي استدعا ڪئي، ڪورٽ پوليس رپورٽ تي درخواست منظور ڪندي جوابدار اڪبر ڪلهوڙو کي 3 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ پيراڻي اوطاق تي درگاهه غوثيه جي مريدن جو ڪٺ ڪوٺايو ويو هو ۽ ان ۾ پوليس ۽ صحافين کي گٿا لفظ ۽ پوليس رشوت وٺڻ جا الزام لڳايا ويا هئا جنهن جي ايف آءِ آر راڻيپور ٿاڻي تي داخل آھي.