پريالوءِ (ن ع آ) راڻيپور ۾ بيدردي سان قتل ڪيل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي واقعي خلاف اڄ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي خاتمي لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي معصوم نياڻي شهيد فاطمه ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، سنڌي قوم اڄ ٻٻرلوءِ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شامل ٿي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏي، سنڌو نواز گهانگهرو وڌيڪ چيو ته معصوم نياڻي فاطمه کي زيادتي ڪري بيرحماڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ انڌير نگري ڄرٻٽ راجا وارو قانون آهي ڪڏهن نياڻين جا لاش ڏنا ويا آهن ته ڪڏهن مظلومن جو آواز بلند ڪندڙ شهيد جان محمد مهر کي شهيد ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ڌرتي ڌارين حوالي ڪئي پئي وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي جا جتن ڪيا پيا وڃن، سنڌ مان سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي خاتمي لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي، معصوم نياڻي شهيد فاطمه ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، فاطمه ڦرڙو جو خون لڙهڻ نه ڏينداسين.