اسد شاهه 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، گڏيل قومن ۾ به ڪيس پيش

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) فاطمه ڦرڙو ڪيس  ۾ گرفتار مک جوابدار پير اسد شاھ کي راڻيپور جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عظيم سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪورٽ سڳوري پاران  وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پير اسد شاھ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته جاچ آفيسر ايس ايڇ او بچل قاضي پنجن ڏينهن لاءِ وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ طلب ڪيو، جنهن تي جج صاحب بيان کي رد ڪري ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو، ان موقعي تي فريادڻ شبنم ڦرڙو پاران ليگل لائرز فورم پاران ايڊوڪيٽ نثار ڀنڀرو، ايڊوڪيت صفدر ڪناسرو، مس بختاور شيخ، ساهتي لائرز فورم پاران امر امتياز ميمڻ سندس سان گڏ عدالت سڳوريءَ ۾ پيش ٿي پنھنجا دليل ڏنا ته جوابدار ڪيس ۾ سهڪار نه پيو ڪري، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار اسان سان ڪنھن به قسم جو جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري سندس موبائل جيڪا جاچ ۾ ڏني وئي آھي ان جو پن ڪوڊ نٿو ٻڌائي جنهن تي ڪيس جي اڳڀرائي ۾ رنڊڪون اچي رهيون آھن، ٻئي پاسي عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊوڪيٽ نثار ڀنڀرو، ايڊوڪيٽ صفدر ڪناسرو، ايڊوڪيٽ امر امتياز ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته هي هڪ هاءِ پروفائل ڪيس آھي جنھن کي پوري دنيا جي ملڪن جا مبصر سرچ ڪري رهيا آھن. جيڪو  گڏيل قومن ۾ پڻ هي ڪيس پيش ڪيو ويو آهي جنھن ۾ اھو ظاهر ٿي چڪو آھي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب هي طبي موت نه ٿيو آھي پر جسماني تشدد ۽ زيادتي ٿيندي رهي آھي ان ڪري هي ملزم هن قتل ڪيس مان آجو ناهي. باقي ڊي اين اي ٽيسٽن اچڻ کانپوءِ وڌيڪ خبر پئجي ويندي ته هن معصوم فاطمه سان زيادتي ڪندڙ ڪير آھي، اھو خدا جي عذاب ۽ هن قانون کان ڪڏهن به بچي نه سگهندو، هن ڪيس ۾ انهن ڪردارن کي وائکو ڪنداسين جيڪي معصوم فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ ملوث رهيا آھن، پوليس فريادي شبنم ۽ شاهدن جو 164 جي بيان ۾ جلدي ڇو ڪري رهي آھي. ان ۾ جوابدار کي فائدو ٿيندو ۽ ڪيس چالان ٿيڻ کانپوءِ 164 جا بيان ڪيا وڃن ته بھتر آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.