ڪراچي(م ڊ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان نگران حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي به گذريل حڪومت جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن، هنن عوام تي پيٽرول ۽ بجلي جا بم اڇلايا آهن.هن چيو ته هڪ طرف عوام لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سميت مافيائن جي مدد ڪري رهي آهي، هن حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي.