عمران خان پنهنجي دور ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن بابت ڳالهيون ناڪام بڻايون

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن لاءِ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ ان نتيجي پهتي آهي ته پاڙيسري ملڪن خاص طور هندستان سان دوستاڻن ۽ واپاري لاڳاپن بنا معاشي ترقي ممڪن نه آهي، نئين علائقائي صف بندي واري پاليسي ۾ به پاڪ –ڀارت دوستاڻن لاڳاپن جو نڪتو شامل آهي. ان ۾ چين جو اهم ڪردار آهي، نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي دور ۾ به اسٽيبلشمينٽ ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن جو فيصلو ڪيو هو. عرب امارات ۾ پاڪ – ڀارت اسٽيبلشمينٽ ۾ڳالهيون به ٿيون هيون ۽ طئه ٿيو هو ته نريندر مودي پاڪستان ايندو پر ان وقت عمران خان کي شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن مڇرايو ته مودي سان دوستيءَ جو پي ٽي آءِ کي سياسي نقصان ٿيندو ۽ جيڪو مودي جو يار سو غدار آ جا اسان خلاف نعرا لڳندا جنهن ڪري عمران خان ضد ڪيو ۽  وزيراعظم  جي حيثيت ۾ مودي سان ملڻ ۽ ڀارت سان دوستاڻن  لاڳاپن کان ٺپ انڪار ڪيو، نتيجي ۾ معاملا ويتر خراب ٿي ويا. هاڻي به اسٽيبلشمينٽ ان فيصلي تي عمل ڪرڻ چاهي ٿي پر هاڻي ڀارت جي اسٽيبلشمينٽ ان حوالي سان صرف نواز شريف تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ٻئي ڪنهن تي به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته نئين علائقائي پاليسيءَ جي به گهرج آهي ته جيئن ايران  ۽ سعودي عرب ۾ دوستي ٿي آهي. اهڙي طرح پاڪ – ڀارت ۾ به دوستاڻا ۽ واپاري لاڳاپا قائم ٿين، ان حوالي سان چين سڀني کان وڌيڪ سرگرم آهي، ان حوالي سان چين، سعودي عرب، قطر، ترڪي،بحرين ۽ عرب امارات جو به نواز شريف تي مڪمل اعتماد آهي، ان ڪري  نئين علائقائي  پرڏيهي پاليسيءَ تي عمل لاءِ نواز شريف دوست ملڪن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ به پاڪ – ڀارت دوستاڻا ۽ واپاري لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ضرورت آهن، پر ان ۾ هن وقت نواز شريف واحد سياستدان آهي جيڪو ان معاملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان ڪري به ته روس ۽ چين جي قيادت ۾ جڙندڙ نئين بلاڪ ۾ پاڪ – ڀارت لاڳاپا آخري رڪاوٽ آهن، جيڪي دوستيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪوششون جاري آهن. ان لاءِ نواز شريف جي واپسيءِ ۾ موجود رڪاوٽون به ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.