اسلام آباد (اي پي پي+م ڊ) نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ جو بجلي جي اگهن جي حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم اسلام آباد ۾ بجلي جي اگهه ۽ صارفين جي بلن تي هنگامي اجلاس (اڄ) آچر تي طلب ڪيو آهي، وزيراعظم توانائي واري وزارت ۽ تقسيم ڪار ڪمپنين کي ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ صارفين کي بجلي جي بلن جي حوالي سان وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)بي بي سي موجب پاڪستان ۾ هڪ طرف جتي نگران وزيراعظم بجلي جي بلن تي احتجاج کانپوءِ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي ته ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي اهو بحث جاري آهي ته پاڪستان ۾ ڪهڙن طبقن يا ادارن کي بجلي يا گهٽ اگهن تي بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي،نگران حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪري سگهندي يا نه، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي پر سوشل ميڊيا تي هڪ وڏو طبقو اهو بحث ڪندي نظر آيو ته سرڪاري ملازمن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ سميت ٻين فائدن کي ختم ڪرڻ ئي هن مسئلي جو واحد حل آهي.صحافي حامد مير ٽوئيٽر تي بجلي جو بل شيئر ڪندي لکيو ته هي واپڊا ملازم جو بل آهي جنهن 1200 يونٽ بجلي استعمال ڪئي ۽ بل صرف 716 رپيا هو، انهن واپڊا ۽ ڊسڪوز وارن جي بلن جو بار به مهانگائي جو ماريل عوام کڻي رهيو آهي، انهن کي ڏنل سبسڊي ڪڏهن بند ٿيندي؟ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڪنهن به وزير جي سرڪاري گهر يا پارليامينٽ ميمبرن جي لاجز ۾ مفت بجلي نه ڏني وئي.خرم دستگير جي ٽوئيٽ تي هڪ صارف سوال ڪيو ته ڇا بجلي کاتي جي آفيسرن کي مفت بجلي نٿي ملي ۽ آرمي آفيسرن کي گهٽ اگهه تي بجلي فراهم نه ڪئي وڃي؟پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پي آءِ ڊي) جي وائيس چانسلر نديم الحق بي بي سي کي ٻڌايو ته هر مهيني جي شروعات ۾ ملندڙ پگهار ۾ حڪومت طرفان ڏنل سهولتن جو ذڪر ناهي.هن نظام کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۽ نيشنل هيومن ڊولپمينٽ پروگرام پاران 2021ع ۾ شايع ٿيل گڏيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن پاڪستان جي بااثرن، زميندارن، سياسي اڳواڻن ۽ فوجين کي ڏنل معاشي فائدن سان پاڪستان جي معيشت تي 17 ارب ڊالرن کان وڌيڪ لاڳت اچي ٿي. رپورٽ موجب هاءِ ڪورٽ جي جج کي ملازمت دوران مفت گهر ملندو آهي، جنهن جو ڪرايو حڪومت ادا ڪندي آهي، جڏهن ته بجلي جو بل ۽ سرڪاري گاڏي به حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ايندي آهي.ساڳئي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف، ڪور ڪمانڊرز ۽ فوج جي ٻين اعليٰ آفيسرن کي به آسائشون ڏنيون وينديون آهن جهڙوڪ گهر، بجلي ۽ گاڏيون، جن کي پاڪستان جي قانون ۾ تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي،.اهڙي طرح پارليامينٽ جي ميمبرن کي گهر، ڪار ۽ بجلي مفت ڏني ويندي آهي ايڪسپريس ٽربيون سان لاڳاپيل صحافي شهباز رانا جو چوڻ هو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جي غريب طبقن تي بار آهي، انهن ادارن کان سوال ڪرڻ ضروري آهي، جن کي مفت آسائشون ڏنيون پيون وڃن، انهن کي اهي آسائشون ڇو ملن؟ سماجي ڪارڪن رضوان الحق بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ”جيڪڏهن آءِ ايم ايف جاشرط نه هجن ها ته اها به خبر نه پوي ها ته ڪنهن کي ڇا ملي ٿو. اهو معاملو رڳو بجليءَ جي آسائش حاصل ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر اهو سوال به آهي ته اها مفت عيش حاصل ڪرڻ جو آخر جواز ڪهڙو آهي؟ فائدو حاصل ڪرڻ يا نه هڪ وڏي بحث جو حصو آهي
ڪراچي(م ڊ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بلند بلن خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي.سرگوڌا ۾ بجلي جي بلن جي واڌ خلاف واپارين بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي بل ساڙي احتجاج ڪيو.ان کان علاوه راولپنڊي،اسلام آباد،ڪوئيٽا،ڪراچي، ملتان، پشاور، ۽ مستووال ۾ به شهرين احتجاج ڪيو، جڏهن ته شيخوپوره ۾ وڪيلن احتجاج دوران بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا.وزيرآباد ۾ مسجدن ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڪو به بل نه ڀريندو،احتجاج ڪندڙن چيو ته بلن ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.