بحريا ٽائون پاران انڊسٽريل اسٽيٽ جي نالي تي نئين والار جي تياري

ڪراچي (رپورٽر) بحريا ٽائون جو سيڙپڪاري جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو  جاري،  بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل اسٽيٽ کي سنڌ  انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ جو  نئون ڊرامو، سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي  اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارا بحريا ٽائون جا سنڌ دشمن منصوبا هڪ ڀيرو ٻيهر تيار،  انڊسٽريل زون جي آڙ ۾ 7 هزار کان 15 هزار ايڪڙ تائين انڊسٽريل زون جي نالي تي سنڌ ۾ والار جو سلسلو  جاري، تفصيل موجب بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل اسٽيٽ کي  اسپيشل اڪنامڪ زونز ، رولز 2013 جي رول 13 تحت سنڌ انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي اهو منصوبو تعلقو ٿاڻو بولا خان ضلعو ڄامشورو ۾ واقع ديهه ۽ تپو ڪلو کوهر جيڪو  دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري کان نوري آباد تائين آهي جيڪو پاور سيمينٽ فيڪٽري کان پڪا پير تائين ويندي جهمپير جي حدن تائين آهي. ان ڏس ۾ سنڌ اڪنامڪ زون اٿارٽي سنڌ پاران21 آگسٽ 2023 تي هڪ مقامي سنڌي اخبار ۾ اشتهار پڻ شايع ڪرايو آهي جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي بحريا ٽائون ڪراچي جي تجويز ڪيل زون لاءِ درخواست جنهن ۾ بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل  اسٽيٽ کي سنڌ انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ لاءِ 20 سيپٽمبر 2023 تي منجهند جو 1:00 وڳي ٻڌڻي سنڌ انڊسٽريل زون اٿارٽي واقع شاهراهه فيصل ڪراچي ۾ منعقد ڪري رهي آهي.

ڪراچي : سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اڳ ۾ ئي خدشو هو ته بحريا ٽائون تيزي سان  ڦهلجندو جيڪو هاڻ واضح ٿي چڪو آهي. بحريا ٽائون پاران انڊسٽريل زون لاءِ  جيڪو اشتهار ڪاوش ۾ 21 آگسٽ 2023 تي شايع ٿيو  آهي جنهن ۾ ديهه   ۽ تپو ڪلوکوهر  کي بحريا ٽائون ڪراچي جي انڊسٽريل زون جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جنهن جي عوامي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر 2023 تي ڪراچي ۾ ڪري رهيا آهن . اها قبضي گيريت جي هڪ نئين شڪل آهي اهو ڪراچي کي انتظامي طور تي الڳ ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي سڀ هائوسنگ پراجيڪٽ تعمير ٿي رهيا آهن جيڪي ڪراچي جي حدن مان شروع ٿي ڄامشورو تائين وڌي رهيا آهن. اهومنصوبو  بحريا ٽائون 3 جي نالي تي ٺاهي رهيا آهن جنهن ۾ انڊسٽريل زون کي به شامل ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جو شروع کان اهو موقف هو ته سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ ڪراچي کي انتظامي حوالي سان  الڳ ڪرڻ جو به منصوبو شامل آهي.اسان جي  سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي اپيل آهي ته هو بحريا ٽائون جي خلاف اڳتي اچن ۽ 20 سيپٽيمبر 2023 تي بحريا ٽائون پاران انڊسٽريل زون جي عوامي ٻڌڻي کي رد  ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.