لاهور (م ڊ) ڊائريڪٽر جنرل پراونشل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي پنجاب عمران قريشي خبردار ڪيو آهي ته ستلج درياءَ ۾ ڀارتي ڊيمن پونگ ۽ باکرا ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند چڪي آهي، وڌيڪ برساتن جي صورت ۾ ڀارت مان پاڻي جي آمد ۾ تباهه ڪن اضافي جو امڪان آهي، ٻوڏ امڪان سبب قصور، اوڪاڙه، پاڪپتن، وهاڙي، بهاولنگر، لوڌران، ملتان ۽ بهاولپور جا ضلع شديد متاثر ٿي سگهن ٿا، ستلج درياهه جي رستي ۾ قائم سوسائٽين ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ پهجي سگهي ٿو.