”سيٽلائيٽ ٽائون نامنظور“بحريا ٽائون کي وڌيڪ زمين ڏيڻ خلاف مزاحمت ڪئي ويندي: انڊيجينئس الائنس

کوکراپار (رپورٽ: عنايت قمبراڻي ) ملير ضلعي جي مسئلن ۽ زمين تي والار خلاف سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس طرفان ميمڻ ڳوٺ جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين سوين ماڻهن جي ريلي، سيٽلائيٽ ٽائون نامنظور، 30 سالا زمينن جي ليز بحال ڪريو، 30لک ايڪڙ زمين ادارن حوالي ڪرڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ، سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران ملير جي زمينن جي 30 ساله ليز جي بحالي ۽ ملير جي زمينن تي ٺھندڙ سيٽلائيٽ ٽائون سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن جي ٺھڻ خلاف ڪالهه ميمڻ ڳوٺ چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ميمڻ ڳوٺ تائين سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائينس جي صدر خدا ڏني شاھ، نائب صدر خالق جوڻيجي، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مارچ ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي خدا ڏني شاھ، خالق جوڻيجي، حفيظ بلوچ، ڪاظم مھيسر، يونس خاصخيلي، ابوبڪر ميمڻ، سارنگ جويي، اسلم بلوچ، عظيم دھڪان، يعقوب خاصخيلي، سليم سالار، سليم جي ميمڻ، حاجي عزيز ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ھڪ سازش تحت ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ايڪٽ 2023ع تحت ملير ضلعي جون 17 ديھون سيٽلائيٽ ٽائون جي حوالي ڪري ملير جي انڊيجينئس ماڻھن جي زمينن تي قبضو ڪري ڌارين کي آباد ڪري مقامي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، اسان ان خلاف مزاحمت ڪنداسين. هنن چيو ته ملير جي زرعي زمينن جون 30 سالا ليزون بحال ڪري ملير جي اصل رھواسين کي ڏنيون وڃن، ان کان علاوہ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي، ايجوڪيشن سٽي ۽ ٻين رھائشي اسڪيمن جي نالي ۾ مقامي ماڻھن جي ڳوٺن، تاريخي ماڳن، ڍنڍن، ڍورن ۽ جبلن تي قبضو ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ زرعي ۽ ڪارپوريٽ مقصد لاءِ سنڌ جون 30 لک ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي حوالي ڪرڻ جي ۽ بحريا ٽائون کي ٿاڻي بولا خان جي ديھ ۽ تپو ڪلو کوھر، اسپيشل اڪنامڪ زونز رولز 2013 جي رول 13 تحت ڏيڻ جي پڻ اسان سخت مخالفت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. اسان اپيل ٿا ڪيون ته اچو پنھنجي وجود کي بچائڻ جي جنگ پاڻ گڏجي وڙھون ۽ سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف متحد ٿيون. ان موقعي تي ملير جي باشعور ماڻھن، ھارين، پورھيتن، شاگردن، وڪيلن، ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ آبادگارن، زميندارن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ هو  سيٽلائٽ ٽائون نامنظور، 30 سالا زمينن جي ليز بحال ڪريو، 30لک ايڪڙ زمين ادارن حوالي ڪرڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا مختلف رستن تان مارچ ڪندا پريس ڪلب پهتا جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هنن چيو ته ملير جا ماڻهو صدين کان پنهنجن اباڻن ڳوٺن پڊن تي آباد آهن جن کي خاص رٿابندي ذريعي بيدخل ڪيو پيو وڃي جنهن خلاف تحريڪ هلائي ويندي جنهن جي شروعاتي ٿي چڪي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.