ادارن خلاف بيان: پي ٽي آءِ اڳواڻن تي هڪ وڌيڪ ڪيس داخل

لاهور ( م ڊ ) مُلڪي سلامتي وارن ادارن ۽ سرڪاري عهديدارن خلاف زهر اوڳاڇيندڙ پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن خلاف هڪ ٻيو ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل جن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو انهن ۾ حماد اظهر، مسرت جمشيد چيما، قاسم سوري، عمر سرفراز چيما ۽ اعظم سواتي شامل آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻي اڳواڻ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي موجوده ليڊر علي زيدي ۽ فواد چوڌري به ڪيس ۾ نامزد آهن.ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن سوشل ميڊيا تي قومي سلامتي جي ادارن  خلاف ڪوڙي مهم هلائي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، سمورن جوابدارن کي گذريل مهيني وضاحت لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر طلبي باوجود اڃا تائين نه ڪو اڳواڻ پيش ٿيو ۽ نه جواب جمع ڪرايو جنهن کانپوءِ ثبوتن ۽ بيانن جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.ايف آءِ اي اختيارين موجب، جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ٽيمون به جوڙيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.