اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف 90 ڏينهن ۾چونڊون ڪرائڻ واري نڪتي تي هڪ صفحي تي اچي ويون آهن. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعتزاز احسن جي شرڪت ان طرف ڌيان ڇڪايو آهي ته پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ سان ويجهڙائي لاءِ يا چونڊ اتحاد لاءِ اعتزاز احسن کي خصوصي دعوت ڏئي اجلاس ۾ گهرايو آهي. ڇو ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا اڄ ڪلهه عمران خان جي گهڻو ويجهو آهن. اهو به ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سياسي داءُ کيڏيو آهي. نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ر) ليگ ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن. عمران خان به هينئر مجبور آهي ۽ سياست ۾ رهڻ لاءِ کيس ڪو رستو گهرجي. ان لاءِ هو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندو. نظر اهو ٿو اچي ته مستقبل ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ هڪ صفحي تي هونديون.