نگران سرڪار طرفان ڪچي ۾ رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن جو اعلان

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ جي نگران حڪومت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف رينجرز جي نگراني ۾ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيئر صحافي جان محمد مهر کي بروقت طبي امداد نه ملڻ واري معاملي جي جاچ  ڪرڻ جو يقين ڏياريو،شھيد صحافي جان محمد جي وارثن کي سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل مالي مدد وارو هڪ ڪروڙ جو چيڪ ڏنو.ان سلسلي ۾  صحت کاتي سنڌ جي  نگران وزير ڊاڪٽر سعيد خالد ۽ قانون واري نگران وزير بيريسٽر محمد عمر سومرو  سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي گهر پهتا شهيد صحافي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ وارثن کي جلد جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو، تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزيرن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن  جي خاتمي لاءِ رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو ويندو، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ خاص طور تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نگران وڏي وزير کي سفارش پيش ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آهي، ان جي روشنيءَ ۾ هي آپريشن ڪيو ويندو ۽ ان جي پهرين 90 ڏينهن جي بجيٽ به جاري ڪئي ويندي، هنن چيو ته اسان جي  نگران حڪومت جي اهڙي ڪا به مجبوري ناهي جو ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن نه ڪري سگهون. اسان تي ڪو به سياسي يا ٻيو ڪو به دٻاءُ ناهي،گهوٽڪي کان ڪشمور تائين پکڙيل ڪچي ۾ ڌاڙيل ڪينسر کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، صحافين جي پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزيرن چيو ته سينيئر صحافي جان محمد مهر کي بروقت طبي امداد نه ملڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ غفلت ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هنن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن به سياسي دٻاءَ کي خاطر ۾ نه آڻيندي هر شيءِ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هنن چيو ته راڻي  پور ۾ معصوم نينگري سان ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي. فاطمه سانحي پوري قوم جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي، اسان سڀ مقتول جي قتل جا ذميوار آهيون، فاطمه جا وارث غريب ماڻھون آهن کين محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويندو جيئن کين ڪو به نقصان نه پهچائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.